سامارو ڍنڍ

سامارو ڍنڍ: هيءَ تاريخي ڍنڍ تعلقي ساماري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ هئي، جنهن جا آثار اڄ به باقي آهن. هيءَ ڍنڍ قديم دور ۾ تمام گهڻو مشهور هئي، جنهن ۾ شڪار عام ٿيندو هو، ان وقت جا امير شڪار ۽ تفريح لاءِ هن ڍنڍ جو رخ ڪندا هئا. مغل بادشاهه بابر جو پٽ همايون لشڪر سميت جڏهن شير شاهه کان ڀڄي عمرڪوٽ پهتو هو، تڏهن پنهنجيءَ زال حميده بانوءَ کي عمرڪوٽ جي محل ۾ ڇڏي، ٺٽي ۽ بکر تي ڪاهه ڪرڻ جي مقصد سان لشڪر وٺي رستي سان گذرندي هن ڍنڍ تي ترسيو هو. پويان عمرڪوٽ ۾ سندس زال کي، 15 آڪٽوبر 1542ع تي اڪبر بادشاهه ڄائو، جنهن جو اطلاع کيس هن ڍنڍ تي مليو هو. همايون هن ڍنڍ تي پٽ ڄمڻ جي خوشي ملهائي هئي. هن وقت سموري ڍنڍ واري ايراضي زرعي آباديءَ هيٺ آهي.


لفظ سامارو ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو